جيل سپرنٽنڊنٽ جو عمران جي سندس وڪيلن سان آن لائين ملاقات ڪرائڻ کان انڪار

اسلام آباد: (جمعو: 22 مارچ 2024ع) اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ عمران خان جي سندس وڪيلن سان آن لائين ملاقات ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان عمران خان سان وڪيلن جي ملاقات لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي اڊيالا جيل عدالت ۾ پيش ٿيو.

https://googleads.g.doubleclick.net/pagead/ads?client=ca-pub-2533644372506762&output=html&h=280&adk=2534825199&adf=1711294020&pi=t.aa~a.2756448801~i.11~rp.4&w=730&fwrn=4&fwrnh=100&lmt=1711111750&num_ads=1&rafmt=1&armr=3&sem=mc&pwprc=5831415655&ad_type=text_image&format=730×280&url=https%3A%2F%2Fonlineindus.com%2Fsindhi%2F130172&fwr=0&pra=3&rh=183&rw=730&rpe=1&resp_fmts=3&wgl=1&fa=27&uach=WyJXaW5kb3dzIiwiMC4xLjAiLCJ4ODYiLCIiLCIxMDkuMC4xNTE4LjE0MCIsbnVsbCwwLG51bGwsIjY0IixbWyJOb3RfQSBCcmFuZCIsIjk5LjAuMC4wIl0sWyJNaWNyb3NvZnQgRWRnZSIsIjEwOS4wLjE1MTguMTQwIl0sWyJDaHJvbWl1bSIsIjEwOS4wLjU0MTQuMTY1Il1dLDBd&dt=1711111747144&bpp=2&bdt=2447&idt=2&shv=r20240319&mjsv=m202403180101&ptt=9&saldr=aa&abxe=1&cookie=ID%3D6373598c7ee1ace6%3AT%3D1709914736%3ART%3D1711111734%3AS%3DALNI_MZbuQvh6cgrR_DHHFUyFgKLvG3uag&gpic=UID%3D00000d402222e81c%3AT%3D1709914736%3ART%3D1711111734%3AS%3DALNI_MZigDAplLMocsicNXghejSVsOOHYA&eo_id_str=ID%3Dbc84e7d9b0513662%3AT%3D1707158999%3ART%3D1711111734%3AS%3DAA-AfjYuX7oA8fQlFZQxkUBwSZax&prev_fmts=0x0%2C728x90%2C341x346&nras=2&correlator=828773818432&frm=20&pv=1&ga_vid=1547836967.1676217070&ga_sid=1711111746&ga_hid=1188845672&ga_fc=1&u_tz=300&u_his=1&u_h=768&u_w=1366&u_ah=728&u_aw=1366&u_cd=24&u_sd=1&dmc=8&adx=500&ady=1177&biw=1349&bih=625&scr_x=0&scr_y=0&eid=44759875%2C44759926%2C44759842%2C42531705%2C44785294%2C95322329%2C95322398%2C21065724&oid=2&pvsid=4015275984161782&tmod=81782487&uas=0&nvt=1&ref=https%3A%2F%2Fonlineindus.com%2FSindhi%2F&fc=1408&brdim=0%2C0%2C0%2C0%2C1366%2C0%2C0%2C0%2C1366%2C625&vis=1&rsz=%7C%7Cs%7C&abl=NS&fu=128&bc=31&bz=0&psd=W251bGwsbnVsbCxudWxsLDNd&ifi=4&uci=a!4&btvi=1&fsb=1&dtd=3310

سپرنٽنڊنٽ جيل عدالت کي ٻڌايو ته جيل رولز ۾ آن لائين ملاقات جي اجازت ناهي تنهنڪري ملاقات نٿا ڪرائي سگهون، ٿريٽ الرٽس سبب 12 مارچ کان ملاقاتن تي بندش آهي.

عدالت چيو ته ميڊيا ۾ خبرون آهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ ڪوٽ لکپت جيل ۾ آن لائين ملاقاتن جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعليٰ کي فخر وچان چيو ته ايشيا جي پهرين جيل آهي جتي اِها سهولت ڏئي رهيا آهيون.

عدالت جو چوڻ هوته جيڪڏهن جيل رولز ۾ اجازت ناهي ته ڪوٽ لکپت جيل ۾ غيرقانوني ڪم ڪيئن شروع ٿي ويو؟ جيل انتظاميا پنهنجي جواب ۾ اِهو چئي رهي آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ جو قدم غيرقانوني آهي؟ اوهان چئي رهيا آهيو ته عدالتي حڪم تي عمل نٿو ڪري سگهجي، ترميم جي ضرورت آهي.

عدالتي رمارڪس تي اسٽيٽ ڪائونسل استدعا ڪئي ته وڌيڪ هدايتون وٺڻ لاءِ ڪجهه گهرجي، ان تي عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جواب ڏيو، ايڊووڪيٽ جنرل ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري.

عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 29 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

شهباز شريف فارم 47 جو وزيراعظم آهي ان سان فارم 45 ۽ 47 تي ڇا ڳالهائيندس: علي امين گنڊاپور

Read Next

پ پ چيئرمين پاران ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت

Most Popular