پ پ چيئرمين پاران ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت

ڪراچي: (جمعو: 22 مارچ 2024ع) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي آهي.

سندس چوڻ آهي ته تشدد جي بزدلاڻي حرڪت ذريعي اسان جي سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو ويو، شهيد نائب صوبيدار ياسر شڪيل ۽ سپاهي طاهر نويد وطن لاءِ جانيون قربان ڪيون.

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم جي دفاع ۾ شهيد جوانن جي بهادري کي هميشه احترام سان ياد رکيو ويندو، پاڪستان پيپلزپارٽي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي پنهنجي عزم ۾ قوم سان گڏ آهي.

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي پونئرن سان تعزيت ۽ ايڪي جو اظهار ڪيو.

Read Previous

جيل سپرنٽنڊنٽ جو عمران جي سندس وڪيلن سان آن لائين ملاقات ڪرائڻ کان انڪار

Read Next

آءِ ايم ايف جي شرطن موجب معيشت کي دستاويز شڪل ڏيڻ جو فيصلو

Most Popular