غزه: امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل فلسطينين تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ، 17 ڄڻا شهيد، 30 زخمي

غزه: (آچر: 31 مارچ 2024ع)غزه ۾ امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل فلسطينين تي هڪ دفعو ٻيهر اسرائيلي فوج فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 17 فلسطيني شهيد ۽ 30 زخمي ٿي پيا.

عرب ميڊيا موجب ديرالبلاح ۾ مغازي پناهگيرن جي ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ٻئي طرف سان فرانسڪو ۾ فلسطين جي حمايت ۾ منفرد احتجاج ڪيو ويو. مظاهرين پاڻ کي آمريڪي بحريه جهاز جي ڏاڪڻن سان ٻڌي ڇڏيو.

عرب ميڊيا موجب بحري جهاز اسرائيل کي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ غزه وڃي رهيو هو. احتجاج ڪندڙن 10 عورتن سميت 14 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل لبنان ۾ گڏيل قومن جي مشن گاڏي ڀرسان شيلنگ جي مذمت ڪئي آهي. اسرائيلي شيلنگ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جا 3 اهلڪار ۽ مقامي ترجمان به زخمي ٿيو هو.

Read Previous

سڄي ملڪ ۾ لکين مسلمان اڄ اعتڪاف ۾ ويهڻ جي سعادت حاصل ڪندا

Read Next

شڪارپور ڀرسان ڌاڙيل جو پوليس موبائل تي راڪيٽن سان حملو، 3 اهلڪار زخمي

Most Popular