سڄي ملڪ ۾ لکين مسلمان اڄ اعتڪاف ۾ ويهڻ جي سعادت حاصل ڪندا

لاهور: (آچر: 31 مارچ 2024ع) سڄي ملڪ ۾ لکين مسلمان اڄ اعتڪاف ۾ ويهڻ جي سعادت حاصل ڪندا.

اعتڪاف عربي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ترسڻ يا پاڻ کي روڪڻ آهي. اهڙي طرح شريعت جي اصطلاح ۾ رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ عبادت جي حوالي سان مسجد ۾  قيام ڪرڻ کي اعتڪاف چيو ويندو آهي، اها عبادت جتي روح جي پاڪيزگي جو سبب آهي اتي ئي خوش نصيبن کي ليلته القدر ملي ويندي آهي.

سڄي دنيا جي اسلامي ملڪن سان گڏ پاڪستان جي مسجدن ۾ اڄ عصر جي نماز کان پوءِ لکين مسلمان اڄ اعتڪاف جي سعادت حاصل ڪندا. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ اعتڪاف ۾ ويهڻ جا خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن.

اعتڪاف ۾ ويهڻ دوران اهي خوشنصيب مسجدن ۾ قائم پنهنجي خيمن ۾ الله جي آڏو سجدو ڪندا، قرآن پاڪ جي تلاوت سان گڏوگڏ عبادت ۾ به مشغول رهندا. اعتڪاف ۾ ويهندڙن جي لاءِ مسجد جي انتظاميه ۽ سرندي وارن طرفان سحري ۽ افطاري ڏيڻ جا خصوصي انتظام به ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته عام طور تي روزيدارن جي سحري ۽ افطاري جي ذميواري سندن گهر ڀاتين جي مٿان هوندي آهي. عيدالفطر جو چنڊ نظر اچڻ کان پوءِ روزيدار اعتڪاف ختم ڪري پنهنجن گهرن طرف وڃي سگهندا.

Read Previous

چيني ڪمپنين طرفان ڪم بند ڪرڻ سان هزارين مزدور بيروزگار ٿي ويا

Read Next

غزه: امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل فلسطينين تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ، 17 ڄڻا شهيد، 30 زخمي

Most Popular