ڪرمپور ڀرسان ٽن مغوين جي آزادي لاءِ پهوڙ برادري جو ڌرڻو

ڪرمپور (رپورٽر) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، ڪرمپور ڀرسان ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ پهوڙ برادري طرفان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو

 ڪرمپور ڀرسان ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ پهوڙ برادري طرفان انڊس هاءِ وي تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو

عمران پهوڙ، چنيسر ۽ بشير پهوڙ جي بازيابي لاءِ ڪرمپور لاڙي وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته عمران ۽ چنيسر پهوڙ کي 3 هفتا اڳ  ۽ بشير پهوڙ کي مهينو اڳ  ڌاڙيل اغوا ڪري ويا

هنن مطالبو ڪندي چيو ته ناپرڪوٽ پوليس مغوين کي بازياب  ڪرائڻ بدران سکڻا آسرا ڏيئي رهي  آهي، نوٽيس ورتو وڃي

Read Previous

اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ سينيٽ جون چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون

Read Next

چيني ڪمپني ديامر ڀاشا ڊيم تي ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيو

Most Popular