چيني ڪمپني ديامر ڀاشا ڊيم تي ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيو

پشاور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تربيلا کان پوءِ چيني ڪمپني ديامرڀاشا ڊيم تي ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي پر داسو ڊيم تي ڪم اڃان تائين معطل آهي.

ڀروسي جوڳن ذريعن تصديق ڪئي آهي ته داسو ڊيم تي ڪم ڪجهه ڏينهن ۾ ٻيهر شروع ڪيو ويندو. ديامرڀاشاڊيم جي جنرل مئنيجر نزاڪت حسين تصديق ڪئي آهي ته چيني ڪمپني ڊيم تي ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. تقريبن 350 چيني شهري ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته 6 هزار مقامي عملو اڳ ئي ڊيم تي ڪم ڪري رهيو آهي.

داسو ڊيم انجنيئرز جي بس تي آپگهاتي حملي ۾ 5 چيني شهرين جي مارجي وڃڻ کان پوءِ چيني ڪمپني ڪم روڪي ڇڏيو آهي. ديامرڀاشا ڊيم، خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪوهستان ۽ گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر وچ ۾ سنڌو درياءَ تي تعمير ڪيو پيو وڃي.

13 مئي 2020 تي پاڪستاني حڪومت ڊيم جي تعمير لاءِ چائنا پاور ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن ايف ڊبليو او جي جوائنٽ وينچر سان گڏ 442 ارب روپين جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.

Read Previous

ڪرمپور ڀرسان ٽن مغوين جي آزادي لاءِ پهوڙ برادري جو ڌرڻو

Read Next

چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي 4 ججز کي به ڌمڪين وارا خط اماڻيا ويا

Most Popular