حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي پاڪستان جو امير چونڊجي ويو

لاهور: (رپورٽر) حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي پاڪستان جو امير چونڊجي ويو آهي.

حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي پاڪستان جو 6 امير چونڊجي ويو آهي هو 2029 تائين جماعت اسلامي پاڪستان جو امير رهندو.

ذريعن موجب نئين امير جي چونڊ لاءِ جماعت اسلامي جي 45 هزار کان وڌيڪ ميمبرن ووٽن ۾ حصو ورتو. حافظ نعيم الرحمان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ کڻي امير چونڊجي ويو.

ياد رهي ته نئين امير جي چونڊ لاءِ جماعت اسلامي جي چونڊ ڪميشن ميمبرن جي اڳواڻي جي لاءِ 3 نالن جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ سراج الحق، لياقت بلوچ ۽ حافظ نعيم الرحمان شامل هئا. ميمبر  انهن 3 کان علاوه ڪنهن به ميمبر جي امير جي عهدي تي چونڊ جي لاءِ پنهنجي راءِ ڏئي سگهيا ٿي.

جماعت اسلامي جي ترجمان قيصر شريف چيو هو ته جماعت اسلامي ۾ دستور موجب هر سطح تي باقاعدگي سان چونڊون ٿينديون آهن. جماعت اسلامي پاڪستان جي امير جي چونڊ هر 5 سالن کان پوءِ دستور موجب ٿيندي آهي.

جماعت اسلامي جي ترجمان موجب سراج الحق پنهنجو ٻيو مدو 8 اپريل تي پورو ڪري رهيو آهي.

حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي جو 6 امير آهي. ان کان اڳ مولانا مودودي، ميان طفيل، قاضي حسين احمد، منور حسن ۽ سراج الحق جماعت اسلامي جا امير چونڊجي چڪا آهن.

Read Previous

سپريم ڪورٽ ججز جي مقرري ۾ ڪي پي ڪي سان متڀيدي سلوڪ ڪيو پيو وڃي: چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس کي خط

Read Next

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي کي به شڪي خط مليو

Most Popular