سپريم ڪورٽ ججز جي مقرري ۾ ڪي پي ڪي سان متڀيدي سلوڪ ڪيو پيو وڃي: چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس کي خط

پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف جسٽس پاڪستان کي خط لکي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري ۾ خيبر پختونخواهه سان متڀيدي سلوڪ ڪيو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ ۾ ججن کي فيورٽ ازم جي بنياد تي مقرر ڪيو پيو وڃي

پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ قاضي فائز عيسيٰ کي لکيل خط ۾ اظهار چيو ته ڪي پي ڪي سان متڀيدي سلوڪ ڪيو پيو وڃي

چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ خط ۾ لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت بلوچستان مان 3 ۽ خيبر پختونخواهه مان رڳو 3 جج مقرر آهن، چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس ابراهيم خان 13 اپريل تي رٽائر ٿي رهيو آهي

 جسٽس ابراهيم خان خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ مقرري لاءِ منهنجا اهڙا تعلقات نه آهن جيڪي اهڙي موقعي تي ڪم ايندا آهن، توقع آهي ته هن خط کانپوءِ توهان منهنجي خلاف نه ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته توهان پاڻ به آواز اٿاريندا رهيا آهيو

جسٽس ابراهيم خان وڌيڪ لکيو آهي ته مان ڏکويل دل سان فيورٽ ازم بابت لکي رهيو آهيان ته جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ 4 جايون خالي هيون ته توهان رڳو پنهنجي صوبي بلوچستان مان جسٽس نعيم افغان جي صورت ۾ رڳو هڪ مقرري ڪئي

 مان فيصلن کي چئلينج نه ٿو ڪيان پر هن خط ذريعي ان پاسي ڌيان ڏيارڻ چاهيان ٿو، مان اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته ڪهڙو سبب هو جو چار جايون خالي هجڻ باوجود رڳو هڪ مقرري ڪئي وئي؟

هن چيو ته مان سمورين هاءِ ڪورٽس ۾ ٻيو سينيئر موسٽ چيف جسٽس آهيان، مان پاڻ جڊيشل ڪميشن ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو ميمبر آهيان، توقع هئي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجو نالو ته غور هيٺ آندو ويندو

Read Previous

عمران خان ۽ شيخ رشيد کي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ آجو قرار ڏيڻ جي درخواستن تي فيصلو محفوظ

Read Next

حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي پاڪستان جو امير چونڊجي ويو

Most Popular