اسان جا ڪجهه ماڻهو مخالفن سان رابطي ۾ رهي پارٽي ٽوڙڻ چاهين ٿا: عمران خان

راولپنڊي: (ڇنڇر: 06 اپريل 2024ع) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته اسان جا ڪجهه ماڻهو مخالفن سان رابطي ۾ آهن، جيڪي پارٽي کي ٽوڙڻ چاهين ٿا، اهي ئي ماڻهو بشريٰ بي بي تي به آمريڪي ايجنٽ هجڻ جو الزام لڳائي رهيا آهن.

اڊيالا جيل ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته حڪومت ڪيرائڻ باوجود ٻه ڀيرا جنرل باجوا سان ملي سگهان ٿو ته ڪنهن سان به ملي سگهان ٿو، هن وقت منهنجي ذات جو نه پاڪستان جو ايشو آهي، جنرل باجوه اسان کي پٺي ۾ ڇُرو هنيو، مان جنرل باجوا کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري پئي سگهيس پر نه ڪيو.

هن چيو ته مان ڪڏهن فوج سان نه وڙهيس، زرداري ۽ شريف خاندان جي ڪرپشن جو جنرل فيض ۽ جنرل باجوا کي ٻڌايو هو، مان اڄ سياست کان پوئتي هٽي وڃان ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، اسان جو مينڊيٽ کسي اسان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته جيڪي 6 جج بيٺا، انهن کي سلام پيش ڪيان ٿو، جنهن ملڪ جي ججن کي ڌمڪيون ملن اتي سيڙپڪاري ڪير ڪندو.

Read Previous

پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي پاران سنگرار جي شاهن کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

فرانس جي 115 پارليامينٽ ميمبرن جو اسرائيل کي هٿيار کپائڻ تي پابندي جو مطالبو

Most Popular