فرانس جي 115 پارليامينٽ ميمبرن جو اسرائيل کي هٿيار کپائڻ تي پابندي جو مطالبو

پئرس: (ڇنڇر: 06 اپريل 2024ع) فرانسيسي پارليامينٽ جي 115 ميمبرن صدر ايمانوئل ميڪرون کي خط لکي اسرائيل کي هٿيار کپائڻ تي پابندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب صدر کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته فرانس کي اسرائيل جي جاري بدترين نسل ڪشي ۾ شريڪ نه بڻجڻ گهرجي.

فرانسيسي پارليامينٽ ميمبرن جو چوڻ آهي ته غزا پٽي ۾ اسرائيلي فورسز جي وحشياڻي حملن سبب شهادتون 33 هزارن کان وڌي ويون آهن، حڪومت اسرائيل کي فراهم ڪيل هٿيارن جا تفصيل پارليامينٽ ۾ پيش ڪري.

پارليامينٽ ميمبرن موجب فرانس جو هٿيارن جي فراهمي لاءِ اسرائيل سان معاهدو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.

Read Previous

اسان جا ڪجهه ماڻهو مخالفن سان رابطي ۾ رهي پارٽي ٽوڙڻ چاهين ٿا: عمران خان

Read Next

تحريڪ انصاف ۾ اختلاف، شهريار آفريدي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Most Popular