
پئرس: (ڇنڇر: 06 اپريل 2024ع) فرانسيسي پارليامينٽ جي 115 ميمبرن صدر ايمانوئل ميڪرون کي خط لکي اسرائيل کي هٿيار کپائڻ تي پابندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب صدر کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته فرانس کي اسرائيل جي جاري بدترين نسل ڪشي ۾ شريڪ نه بڻجڻ گهرجي.
فرانسيسي پارليامينٽ ميمبرن جو چوڻ آهي ته غزا پٽي ۾ اسرائيلي فورسز جي وحشياڻي حملن سبب شهادتون 33 هزارن کان وڌي ويون آهن، حڪومت اسرائيل کي فراهم ڪيل هٿيارن جا تفصيل پارليامينٽ ۾ پيش ڪري.
پارليامينٽ ميمبرن موجب فرانس جو هٿيارن جي فراهمي لاءِ اسرائيل سان معاهدو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.