تحريڪ انصاف ۾ اختلاف، شهريار آفريدي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪوهاٽ: (ڇنڇر: 06 اپريل 2024ع) پي ٽي آءِ اندروني اختلاف هاڻ کليل نموني سامهون اچي ويا.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي ڪوهاٽ جي جلسي ۾ پي ٽي آءِ قيادت کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته پارٽي اندر هن وقت ڪجهه منافق موجود آهن، ڪجهه ماڻهن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته هيل تائين چُپ آهيان، مون کي ڦاٽڻ تي مجبور نه ڪيو.

هن چيو ته هيءَ پارٽي انهن ماڻهن جي آهي، جن جي مائرن ۽ ڀينرن جي بي عزتي ٿي، علي امين گنڊاپور سميت سموري پارٽي قيادت کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته ڪارڪنن کي مٿي آڻيو.

سندس چوڻ هو ته پارٽي ۾ پيراشوٽ سان آيل ماڻهن کي رد ڪيون ٿا، جن پٺي ۾ ڇُرو هنيو، انهن کي وري ڀاڪر پائڻ نه ڏينداسين.

Read Previous

فرانس جي 115 پارليامينٽ ميمبرن جو اسرائيل کي هٿيار کپائڻ تي پابندي جو مطالبو

Read Next

ججن کي موڪليل خطن ۾ ڪهڙو مواد هو؟ فرانزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي

Most Popular