نئين سياسي پارٽي جي رجسٽريشن: شاهد خاقان عباسي اليڪشن ڪميشن ۾ ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد: (رپورٽر) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي نئين سياسي پارٽي جي رجسٽريشن لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

شاهد خاقان عباسي اليڪشن ڪميشن پهچي ويو جتي هن نئين سياسي پارٽين جي رجسٽريشن لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. هن درخواست سان گڏ گهربل دستاويزات به جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

شاهد خاقان عباسي اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سياسي پارٽي جي رجسٽريشن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سمورا گهربل ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اليڪشن ايڪٽ 2017 موجب سياسي پارٽي رجسٽرڊ ڪرائي رهيا آهيون. ايندڙ چونڊن ۾ سياسي پارٽي جي تحت اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين.

Read Previous

سنڌ حڪومت عيد جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

بهاولنگر واقعي تي گڏيل جاچ ٽيم قائم: ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو: پاڪ فوج

Most Popular