بهاولنگر واقعي تي گڏيل جاچ ٽيم قائم: ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو: پاڪ فوج

لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت بهاولنگر واقعي تي گڏيل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي، پنجاب حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعو افسوسناڪ آهي، گهرو وزارت ۽ سيڪيورٽي ادارن تي ٻڌل جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي، واقعي تي پروپيگنڊا جي اجازت نه ڏني ويندي، هوڏانهن آءِ ايس پي آر پاران بهاولنگر واقعي تي ردعمل ڏيندي چيو ويو آهي ته بهاولنگر ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو

جنهن کي فوج ۽ پوليس جي گڏيل ڪوششن سان فوري طور حل ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر پاران بيان ۾ چيو ويو ته معاملو حل ٿيڻ باوجود مخصوص مقصد چاهيندڙ ڌڙن رياستي ادارن ۽ سرڪاري ادارن ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا شروع ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي ۽ پوليس عملدارن تي ٻڌل ٽيم واقعي جي گڏيل جاچ ڪندي، قانون جي ڀڃڪڙي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو ۽ حقيقتن جو پتو لڳايو ويندو

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بهاولنگر جي علائقي چڪ سرڪاري ۾ ڇاپي دوران عورتن مٿان تشدد تي ايس ايچ او سميت 4 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته پوليس جو اهو موقف سامهون آيو هو ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ويو، جن چادر چوديواري پائمال ڪرڻ ۽تشد جو الزام لڳايو هو، پوليس ٽيم کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، پوليس عورتن سميت 23 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، اهڙي واقعي کي سوشل ميڊيا تي وڌائي پيش ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

نئين سياسي پارٽي جي رجسٽريشن: شاهد خاقان عباسي اليڪشن ڪميشن ۾ ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

Read Next

عام ماڻهوءَ کي ريليف ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين: نواز شريف

Most Popular