
ڪراچي: (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججز مستقل ججز جي طور تي حلف کڻي ورتو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس عقيل احمد عباسي مستقل ٿيندڙ ججز کان حلف ورتو. تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججز بار ايسوسيئيشن جا وڪيل ۽ نمائندا شريڪ ٿيا. حلف برداري تقريب ۾ مستقل ٿيندڙ ججز جي گهر ڀاتين به شرڪت ڪئي.
مستقل ججز جو حلف کڻندڙن ۾ جسٽس امجد علي بوبيو، جسٽس ثنا اڪرم منهاس، جسٽس جواد اڪبر سورانه، جسٽس خادم حسين سومرو، جسٽس عبدالرحمان ۽ جسٽس ارباب علي بکڙو شامل آهن.
سمورن 6 ججز کي 2023 ۾ ايڊيشنل جج مقرر ڪيو ويو هو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مستقل ججز جو انگ 32 ٿي ويو پر اڃان تائين 6 ججز جون جڳهيون خالي آهن.