فيض گنج: مهراڻ هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، زال مڙس فوت

فيض گنج: (رپورٽر) مھراڻ ھاء وي تي تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ زال ۽ مڙس فوت ٿي ويا آھن

مھراڻ ھاء وي سبيل اسٽاف تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار پڪاچانگ جي حيدري محلا جو رهواسي 25 ورهين جو راحب علي چانگ  ۽ سندس گھر واري رضيا چانگ ٿڏي تي فوت ٿي ويا آھن.

فوتين جا مڙھ  ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھن، معلوم ٿيو آھي ته زال مڙس  شھر مان دوا وٺي واپس اچي رھيا ھيا ته حادثو پيش آيو آھي  نوجوان ۽ سندس گھر واري جي فوت ٿيڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام متل آھي.

Read Previous

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججز مستقل جج جي طور حلف کڻي ورتو

Read Next

برساتن جي اڳڪٿي: سنڌ جي وڏي وزير ڪي ايم سي، ٽائونز کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Most Popular