برساتن جي اڳڪٿي: سنڌ جي وڏي وزير ڪي ايم سي، ٽائونز کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي: (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي ڪي ايم سي، سمورن ٽائونز ۽ واٽر بورڊ کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مراد علي شاهه سمورن سوڪ ايجنسين، برساتي نالن ۽ ڊرينج سسٽم کي صاف رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڏني آهي ته ڪي ايم، سمورا ٽائونز ۽ واٽر بورڊ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ انتظام مڪمل ڪن. مراد علي شاهه چيو ته ضلعي انتظاميه ۽ پوليس عوام جو خيال رکي ۽ مشڪل گهڙي ۾  انهن جي مدد ڪري.

مراد علي شاهه چيو ته ضلعي انتظاميه ۽ پوليس عوام جو خيال رکي ۽ مشڪل گهڙي ۾ انهن جي مدد ڪري. سنڌ جي وڏي وزير ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي سمورين سوڪ ايجنسين سان ڪوآرڊينيشن ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي.

هن چيو ته طوفاني برساتن کي نظر ۾ رکندي عوام پنهنجن ٻارن کي گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ ڏئي. ياد رهي ته موسيات کاتي اڄ سنڌ جي مختلف شهرن ۾  تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿانهين علائقن تي اثر انداز آهي. اهو سسٽم اڄ کان ملڪ جي ڏاکڻي ۽ مغربي علائقن ۾ داخل ٿي ويندو.

موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب اڄ کان ڪراچي ۾ تيز طوفاني برسات جو امڪان آهي اهو سلسلو ايندڙ 2 ڏينهن تائين جاري رهندو. موسميات کاتي ٻڌايو ته 13 ۽ 14 اپريل تي سکر، ڪشمور، لاڙڪاڻو، دادو، قمبرشهدادڪوٽ، ڄامشورو ۽ سانگهڙ ۾ تيز برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪراچي، حيدرآباد ۾ به تيز هوائن، کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

Read Previous

فيض گنج: مهراڻ هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، زال مڙس فوت

Read Next

بلوچستان: نوشڪي ۾ نامعلوم هٿياربندن 9 مسافرن سميت 11 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

Most Popular