
ڪراچي: سنڌ ڪابينا جو ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو، وڌيڪ 8 وزير اڄ حلف کڻندا
ان سلسلي ۾ ترجمان جو چوڻ آهي ته متوقع وزيرن جي حلف برداري تقريب اڄ شام 5 وڳي گورنر هائوس ۾ ٿيندي، جنهن ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري نون وزيرن کي حلف کڻائيندو
ذريعن موجب تقريب ۾ سنڌ ڪابينا جا وڌيڪ 8 وزير اڄ حلف کڻندا
ذريعن موجب متوقع وزيرن ۾ ڄام اڪرام ڌاريجو، مخدوم محبوب، رياض شيرازي، دوست علي رحمان، شاهد طاهر، محمد علي ملڪاڻي، شاهين شير علي ۽ طارق ٽالپر شامل آهن