وقت گهٽ آهي، ملڪ کي هلندڙ سياسي بحران مان ڪڍڻ جي سخت ضرورت آهي: آصف زرداري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وقت گهٽ آهي، ملڪ کي تازي سياسي بحران مان ڪڍڻ جي سخت  ضرورت آهي.

صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته نئين پارلياماني سال جي شروعات تي سمورن ميمبرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

صدر آصف زرداري خطاب ڪندي چيو ته ٻيون صدر چونڊجڻ تي پارليامينٽ ميمبرن ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان، بطور صدر جي طور تي مان پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، اسان وٽ وقت تمام گهٽ آهي، اسان جي ايجنڊا ۽ خيال  ملڪ کي مضبوط بنائيندا.

آصف علي زرداري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي زندگي جمهوريت ۽ انصاف جي لا3 وقف ڪئي، معيشت جي بحالي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو غربت هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي. ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ پکيڙڻ جي ضرورت آهي.

صدر وڌيڪ چيو ته ايس آءِ ايف سي جي جوڙجڪ خوشي جوڳو قدم آهي، تعليم جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سڀني کي ملي ڪم ڪرڻو پوندو. اسان کي عوام جي اميدن کي  پورو ڪرڻو پوندو. ملڪ کي پيش ايندڙ چيلنجز تي ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن نه آهي. حڪومت مهانگائي گهٽ ڪرڻ، ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جي لاءِ معاشي اصلاحات ڪندي. هن چيو ته پرڏيهي سرمائيڪاري آڻڻ اسان جو بنيادي مقصد هجڻ گهرجي. اسان کي سياسي مفاهمت کي اڳيان کڻي هلڻو پوندو. اسان کي پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادان تي فخر آهي جنهن ملڪ لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون.

Read Previous

ڪراچي: سنڌ ڪابينا جو ٻيو مرحلو، وڌيڪ 8 وزير اڄ حلف کڻندا

Read Next

اڳوڻي دفاع واري وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز خٽڪ پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

Most Popular