
ڊيره اسماعيل خان: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊيره اسماعيل خان ۾ نامعلوم جي فائرنگ سبب ڪسٽم جا 4 اهلڪار مارجي ويا.
پوليس موجب فائرنگ جو واقعو ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ پيش آيو جتي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪسٽم جا 4 اهلڪار مارجي ويا.
شروعاتي جاچ موجب ڪسٽم اهلڪار معمول جي ڊيوٽي هئا، جوابدارن گاڏي تي فائرنگ ڪئي، فائرنگ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
پوليس موجب جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ معصوم ٻارڙي ۽ هڪ واٽهڙو به زخمي ٿي پيا آهن.