خيبرپختونخواهه جي صحت واري وزارت برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

پشاور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي صحت کاتي  تازين برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ صوبي ۾ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

خيبرپختونخواهه ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڊينگي پکڙجڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي صوبائي صحت کاتي ڊينگي کي روڪڻ جي لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪري منظوري لاءِ چيف سيڪريٽري ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ جنرل هيلٿ سروسز ۾ ڊينگي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

ايڪشن پلان موجب ڊينگي کي روڪڻ جي لاءِ خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ ڊينگي مريضن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ 1 هزار 240 بسترا مقرر ڪيا وڃن.

ايڪشن پلان جي تحت پشاور جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ 300 بيڊز مقرر ڪيا وڃن. جڏهن ته ايم ٽي آءِ اسپتال به ڊينگي جي مريضن لاءِ ڌار وارڊ مقرر ڪيا وڃن.

ڊائريڪٽوريٽ جنرل هيلٿ سروسز ۾ ڊينگي ڪنٽرول روم به قائم ڪيو وڃي. جڏهن ته ڊينگي جي روڪٿام جي لاءِ  بلديات کاتي ۽ پي ڊي ايم کان به خدمتون حاصل ڪيون وڃن.

Read Previous

9 مئي سانحي جا ذميوار اڄ ملڪي مفاد تي حملا ڪري رهيا آهن: عطاءُالله تارڙ

Read Next

ڊيره اسماعيل خان ۾ فائرنگ، ڪسٽم جا 4 اهلڪار مارجي ويا

Most Popular