ڊيره اسماعيل خان ۾ فائرنگ، ڪسٽم جا 4 اهلڪار مارجي ويا

ڊيره اسماعيل خان: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊيره اسماعيل خان ۾ نامعلوم جي فائرنگ سبب ڪسٽم جا 4 اهلڪار مارجي ويا.

پوليس موجب فائرنگ جو واقعو ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ پيش آيو جتي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪسٽم جا 4 اهلڪار مارجي ويا.

شروعاتي جاچ موجب ڪسٽم اهلڪار معمول جي ڊيوٽي هئا، جوابدارن  گاڏي تي فائرنگ ڪئي، فائرنگ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس موجب جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ معصوم ٻارڙي ۽ هڪ   واٽهڙو به زخمي ٿي پيا آهن.

Read Previous

خيبرپختونخواهه جي صحت واري وزارت برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪراچي: مانسهره ڪالوني ۾ گاڏي ۾ آپگهاتي ڌماڪو ، 2 دهشتگرد مارجي ويا

Most Popular