حيدرآباد ۾ ذهني طور مفلوج ٻارڙيءَ سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف

حيدرآباد جي گهمڻ آباد واري علائقي ۾ ذهني طور مفلوج ٻارڙيءَ سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف، پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

ان سلسلي ۾ متاثر ٻارڙي جي وارثن  جو چوڻ آهي تهعيد ڏينهن جوابدار شاهد ۽ نديم بلوچ 14 سالن جي نينگري کي عيد جي خرچي جو ڏٽو ڏئي پاڻ سان گڏ وٺي ويا

 نينگري جي امڙ چيو ته شاهد بلوچ نياڻيءَ کي پنهنجي گهر جي ڇت تي کڻي ويو ۽ ساٿي نديم سان گڏجي هوس جو نشانو بڻايو

 پوليس 21 اپريل تي واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جڊيشل ماجسٽريٽ نمبر 6 جي عدالت ٻنهي جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

Read Previous

جنگشاهي پوليس جي مبينا تشدد ۾ مارجي ويل نوجوان جو ڪيس داخل

Read Next

ڀارت ۾ ڇتي گرمي: اينڪر هيٽ ويو جي خبر پڙهندي بيهوش

Most Popular