جنگشاهي پوليس جي مبينا تشدد ۾ مارجي ويل نوجوان جو ڪيس داخل

جنگشاهي پوليس جي مبينا تشدد ۾ مارجي ويل نوجوان جو  قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

پوليس چوڪي انچارج سميت 5 اهلڪار شهباز سمون جي قتل ڪيس ۾ جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن

مڪلي باءِ پاس تي سڄي رات لڳل ڌرڻو ختم، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو

 رات دير سان صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي مظاهرين وٽ پهچي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي هئي، ڊي ايس پي سٽي به مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون هيون

جنگشاهي پوليس هاليجي ويجهو ڇاپو هڻي شھباز سمون سميت چئن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪيو هو

 وارثن موجب پوليس شهباز سمون کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش جنگشاهي اسپتال ۾ ۾ ڦٽو ڪري  فرار ٿي وئي هئي

 ايس ايس پي ٺٽو واقعي جو نوٽيس وٺندي اي ايس آءِ سميت 4 اهلڪارن کي معطل ڪيو هو

Read Previous

پاڪستان ۽ ايران پاران دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو

Read Next

حيدرآباد ۾ ذهني طور مفلوج ٻارڙيءَ سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف

Most Popular