سنڌ آئنده ايف بي آر لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس جي اوڳاڙي نه ڪندي: مراد علي شاهه جو چتاءُ

سنڌ آئنده ايف بي آر لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس جي اوڳاڙي نه ڪندي: وڏي وزير مراد علي شاهه جو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چتاءُ

 وڏي وزير چيو ته ايف بي آر 2016 ۾ سنڌ ايڪسائيز اينڊ ٽئڪسيشن جي اڪائونٽ مان ود هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ 5 ارب روپين کان وڌيڪ رقم ڪاٽا ڪئي هئي، سنڌ حڪومت ايف بي آر کان اهو ڪيس کٽي ورتو، ڪيس کٽڻ باوجود سنڌ کي رڳو هڪ ارب روپيا واپس مليا، آئنده سنڌ ايف بي آر لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس ڪليڪٽ نه ڪندي

 وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سنڌ ود هولڊنگ ٽيڪس جي ڪليڪشن بند نه ڪري، وزيراعظم پاران ايف بي آر چيئرمين کي سنڌ جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت

 وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کان سنڌ جا رهيل 28 ارب روپيا به گهري ورتا، وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم کي ٻڌايو ته سال 24-2023 ۾ وفاقي حڪومت سنڌ کي 28 ارب روپيا گهٽ ڏنا هئا، وزيراعظم شهباز شريف پاران سنڌ ۾ مختلف پراجيڪٽس جي واکاڻ

 وزيراعظم اجلاس ۾ ويٺل ماڻهن کي سي ايم سنڌ جي واکاڻ ۾ تاڙيون وڄائڻ لاءِ به چيو

Read Previous

اڳوڻي سفير جو پاڪ_ايران لاڳاپن ۽ آمريڪي مفاد بابت اهم بيان

Read Next

اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ زبردست واڌ

Most Popular