اڳوڻي سفير جو پاڪ_ايران لاڳاپن ۽ آمريڪي مفاد بابت اهم بيان

اسلام آباد: (اڱارو: 23 اپريل 2024ع) پاڪستان جِي اڳوڻي سفير مليِحا لوڌي چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪ_ايران لاڳاپا آمريڪا جي مفاد ۾ ناهن ته اِهو آمريڪا جو مفاد آهي اسان جو نه.

نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مليحا لوڌي چيو ته پاڪستان جا ايران سان لاڳاپا آمريڪا جو نه اسان جو معاملو آهي.

هن چيو ته ايراني صدر جو دورو انڪري به اهم آهي جو ڪجهه عرصو اڳ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ٿي هئي، ڇڪتاڻ سبب ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ به اهڙا قدم ضروري آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا 70 ڏهاڪن کان مضبوط رهيا آهن.

Read Previous

آمريڪا، ايران سان واپاري معاهدن تي پابندين جي خطري کان آگاهه رهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

Read Next

سنڌ آئنده ايف بي آر لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس جي اوڳاڙي نه ڪندي: مراد علي شاهه جو چتاءُ

Most Popular