فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ ٽٽي پئي

فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ ٽٽي پئي، سپريم ڪورٽ بينچ جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ معاملو ججز ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو

 ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته عيد تي 20 جوابدار آزاد ٿي گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن، جسٽس ميان محمد علي مظهر اٽارني جنرل کان پڇيو ته ڇا آزاد ٿيل جوابدارن خلاف هاڻي ڪو به ڪيس نه آهي؟

عدالت ۾ موجود اعتزاز احسن پنهنجي سيٽ تان اٿي چيو ته انهن جوابدارن سزا يافته بڻائي گهر اماڻيو ويو آهي، هڪ جوابدار کي ٽرائل کانسواءِ سزا يافته بڻايو ويو ۽ هاڻي هو لڪندو پيو وتي، عدالت فوجي عدالتن جي فيصلن جون ڪاپيز طلب ڪري ورتيون

 اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا جي وڪيل بينچ تي اعتراض واريندي استدعا ڪئي ته 9 رڪني بينچ جوڙڻ لاءِ معاملو ججز ڪميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي

Read Previous

اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ زبردست واڌ

Read Next

لکي مروت: شادي جي تقريب ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 6 ڄڻا مارجي ويا

Most Popular