لکي مروت: شادي جي تقريب ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 6 ڄڻا مارجي ويا

لکي مروت: (اربع: 24 اپريل 2024ع) لکي مروت ۾ شادي جي تقريب ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ سبب 6 ڄڻا مارجي ويا آهن.

پوليس موجب لکي مروت جي علائقي غزني خيل ۾ شادي جي تقريب ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. مخالفن جي حملي دوران انڌاڌنڌ فائرنگ سبب ٻارن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 7 زخمين کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻي دشمني هئي جڏهن ته فائرنگ دوران مارجي ويلن ۾ 2 واٽهڙو به شامل آهن.

پوليس موجب مارجي ويلن ۽ زخمين جو تعلق ڳوٺ غزني خيل سان آهي حملو ڪندڙن سان مقتولن جي پراڻي دشمني هئي. افسوسناڪ واقعي کان پوءِ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

Read Previous

فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ ٽٽي پئي

Read Next

سائفر ڪيس ۾ عمران خان کي سزا ٻڌائيندڙ جج کي واپس لاهور هاءِ ڪورٽ اماڻڻ جو فيصلو

Most Popular