
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ناڪاري پروپيگنڊا ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻ کان روڪي نه ٿي سگهي، ترقيءَ جي سفر ۾ رنڊڪون وجهندڙن جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي وينديون
آرمي چيف جنرل عاصم منير گرين پاڪستان انيشيئيٽو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اڄوڪي دور ۾ معاشي استحڪام کانسواءِ مڪمل خودمختياري جو تصور ممڪن نه آهي
آرمي چيف جنرل عاصم منير وڌيڪ چيو ته ترقي جي سفر ۾ رنڊڪون وجهڻ ۽ ڌيان هٽائڻ وارن جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي وينديون، اسان سڀ گڏجي ٽيم پاڪستان آهيون، ناڪاري پروپيگنڊا ۽ ٽرولز ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻ کان روڪي نه ٿا سگهن
آرمي چيف چيو ته اچو ته سڀ گڏجي ناڪاري قوتن کي رد ڪيون ۽ سڀ گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي سفر تي ڌيان رکون