9 سال اڳ قطر سان ڪيل معاهدي جا دستاويز گم ٿي ويا!

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) 9 سال اڳ قطر سان ڪيل معاهدي جا دستاويز گم ٿي ويا، جنهن وزيراعظم شهباز شريف جو نوٽيس ورتو آهي.

ذريعن موجب، ڇنڊڇاڻ باوجود معاهدي جي ڪابينه مان منظوريءَ جا دستاويز نه ملي سگهيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قطري امير جي 2015ع ۾ پاڪستان جي دوري دوران معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون، قطر معاهدي جي منظوري کانپوءِ دستاويز پاڪستان جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا.

ذريعن موجب، معاهدي تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ معلومات جي ڏي وٺ، ريسرچ ۽ اسٽڊيز ٿيڻي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي هدايتن تي 9 سال پراڻن معاهدن جي ڪابينه کان ٻيهر منظوري ورتي وئي آهي، قومي ورثا ڊويزن جي سمري تي ڪابينه مان سرڪيوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي.

Read Previous

وزيراعظم، چيف ڪمشنر اسلام آباد انوار الحق کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

Read Next

ناڪاري پروپيگنڊا ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻ کان روڪي نه ٿي سگهي: آرمي چيف

Most Popular