حق نه ڏنو ويو ته حڪومت ڪيرائي اسلام آباد تي قبضو ڪنداسين: علي امين گنڊاپور

پشاور: (جمعو: 26 اپريل 2024ع) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جيڪڏهن اسان کي حق نه ڏنو ويو ته اڳ ۾ حڪومت ڪيرائينداسين، پوءِ اسلام آباد تي به قبضو ڪنداسين.

تحريڪ انصاف جي يوم ياسيس جي حوالي سان خيبر پختونخواهه هائوس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته اسان کي پنهنجو پورو حق ملڻ گهرجي، اڳ ۾ نه ڪيو هو پر هاڻ حڪومت ڪيرائي اسلام آباد تي قبضو ڪنداسين.

هن چيو غلط ڪندڙن کي به خبر آهي ته اهي ٺيڪ نه پيا ڪن، هاڻ به وقت آهي ته اهي پنهنجي اصلاح ڪن ۽ اسان کي آپي نه ڪڍن، اسان جواب ڏينداسين ته ان ۾ به اسان جو نقصان آهي ۽ نه ڏينداسين ته به لوڙينداسين.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني کي ڪير مائنس نٿو ڪري سگهجي، تنهن ڪري اهڙا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيو، اسان نٿا چاهيون ته ڪجهه ماڻهن جي ڪري ادارن خلاف نفرت پيدا ٿئي، ڇو ته اهي ادارا اسان جا آهن ۽ انهن لاءِ نفرت پيدا ٿئي اهو نه سهنداسين.

Read Previous

وزيراعظم جو ايف بي آر ٽريڪ اينڊ ٽريڊ سسٽم ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان

Read Next

ن ليگ اجلاس، نواز شريف کي ٻيهر پارٽي صدارت سنڀالڻ جي درخواست

Most Popular