ن ليگ اجلاس، نواز شريف کي ٻيهر پارٽي صدارت سنڀالڻ جي درخواست

لاهور: (جمعو: 26 اپريل 2024ع) پاڪستان مسلم ليگ ن پنجاب اڳوڻي وزيراعظم ۽ پارٽي قائد نواز شريف کي ٻيهر پارٽي جي صدارت سنڀالڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.

ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف کي پارٽي قيادت ٻيهر سنڀالڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، نواز شريف ٻيهر پارٽي جي قيادت ڪندو، هو عدالتن مان سرخرو ٿيو آهي.

هن چيو ته ن ليگ پنجاب جي اجلاس جون تجويزون چين مان واپسي تي نواز شريف کي پيش ڪيون وينديون.

سندس چوڻ هو ته پارٽي پنهنجي وفاق ۽ پنجاب حڪومت سان ڀرپور انداز ۾ بيٺي آهي، مريم نواز پنجاب ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، اسان پنهنجين خامين ۽ ڪوتاهين تي ظابطو آڻينداسين، اسان اِها ئي ليڊرشپ مهيا ڪنداسين جنهن جي عوام اميد رکي ٿو .

راڻا ثناءُ الله چيو ته اتحادي حڪومت ن ليگ جي منشور جي پابند نه آهي، جنهن حڪومت ۾ مهانگائي وڌندي اِها ئي ذميوار هوندي، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي هوڏ ۽ غير سياسي رويي سبب سياسي نظام نقصان ڀوڳي رهيو آهي.

ياد رهي ته 2017ع ۾ نااهلي کانپوءِ سپريم ڪورٽ نواز شريف کي پارٽي صدارت لاءِ به نااهل قرار ڏئي ڇڏيو هو.

Read Previous

حق نه ڏنو ويو ته حڪومت ڪيرائي اسلام آباد تي قبضو ڪنداسين: علي امين گنڊاپور

Read Next

ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ اڇا جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular