
جيڪي جج صحيح ڪم نه پيا ڪن انهن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو، دنيا ۾ پاڪستاني عدليه بابت ڊيٽا ڳڻتيءَ جوڳي آهي، عدليه مان ڪرپشن کي مڪمل طور ختم ڪرڻ گهرجي، سسٽم جي تابع ٿيڻ تائين اڳتي نه وڌي سگهنداسين: سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه جو لاهور ۾ تقريب کي خطاب
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته عدليه مڪمل آزاد هئڻ گهرجي، شهرين کي سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪيو وڃي، پر پاڪستان ۾ 24 لک ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، ججز کي خبر ئي نه آهي ته ڪهڙا ڪيس پهرين ۽ تڪڙا اڪلائڻا آهن، ڪيس اڪلائڻ جو درست طريقو موجود نه آهي، اهم ڪيسن جي اڪلاءَ لاءِ هڪ ڊيش بورڊ ٺهڻ گهرجي