سرڪاري زمين جي قبضي ڪيس ۾ محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ معطل

سرڪاري زمين جي قبضي ڪيس ۾ محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ معطل، ڪوئيٽا جي جڊيشل ماجسٽريٽ جي عدالت گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، محمود خان اچڪزئي خلاف ڪوئيٽا جي گوالمنڊي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي جڊيشل ماجسٽريٽ لاڳيتو حاضر نه ڏيڻ تي محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، زمين تي قبضي واري ڪيس ۾ محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپا به هنيا ويا هئا

Read Previous

جيڪي جج صحيح ڪم نه پيا ڪن انهن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو، دنيا ۾ پاڪستاني عدليه بابت ڊيٽا ڳڻتيءَ جوڳي آهي: جسٽس منصور علي شاهه

Read Next

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون 3 ڏينهن اندر سمورن رستن ۽ فوٽ پاٿن تان رنڊڪون ۽ حددخليون ختم ڪن: سپريم ڪورٽ

Most Popular