وزيراعظم شهباز جي حڪومت ۾ به ڪڻڪ ٻاهران اچڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(رپورٽر) هارين جي لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻيل ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ وارو فيصلو ڪڏهن ۽ ڪهڙي حڪومت ڪيو؟ سرڪاري دستاويزن ۾ تفصيل سامهون اچي ويا. دستاويزن مطابق 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي سمري شهباز شريف جي، پي ڊي ايم حڪومت ۾ سامهون آئي ۽ 13 جولاءِ 2023 تي فوڊ سيڪيورٽي جي وزير 10 لک ٽن ڪڻڪ جي سرڪاري طور تي خريد ڪرڻ جي سمري منظور ڪئي

ڪڻڪ کي اسٽريٽجڪ ذخيرن جي طور تي آڻن جو فيصلو ٿيو پر 8 آگسٽ 2023 تي اي سي سي سمري رد ڪري ڇڏي. نگران حڪومت ۾ پهرين سيپٽمبر 2023 تي سمري وزير اعظم هائوس اماڻي وئي ۽ 4 سيپٽمبر 2023 تي اُن وقت جي نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ بطور فوڊ سيڪيورٽي وزير سمري جي منظوري ڏني. نگران وزير اعظم کي موڪليل سمري ۾ اٽي جي قيمت 5 هزار 6 سو رپيا مڻ ٻڌائي وئي جنهن کانپوءِ وزير اعظم هائوس مان سرڪاري ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي

دستاويزن موجب 12 سيپٽمبر 2023 تي ڪڻڪ درآمد جي سمري ٻيهر اي سي سي کي موڪلي وئي، پر ناڻي وزيرت ڪڻڪ سرڪاري طور تي خريد ڪرڻ جي حمايت نه ڪئي ۽ چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر بهتر طريقي سان درآمد ڪري سگهي ٿو. پر 23 آڪٽوبر 2023 تي اي سي سي ڪڻڪ سرڪاري طور تي درآمد ڪرڻ جي سمري منظور ڪئي. دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 24 نومبر 2023 تي ٽريڊ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) 1 لک ٽن ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جو ٽينڊر ڏنو. ٽي سي پي جا ٻه ٽيندر ڏيڻ تي به ڪا ٻولي نه لڳي ۽ ڪڻڪ پرائيويٽ سيڪٽر کر برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. پر حيرت انگيز طور تي ٽي سي پي جي ٽينڊر تي ڪا ٻولي نه لڳڻ باوجود 17 ڊسمبر تائين 12 لک ٽن ڪڻڪ ملڪ ۾ اچي چڪي هئي. دستاويزن موجب ان بعد 19 سيپٽمبر 2023 تي بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اچانڪ وڌيڪ 15 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي

جيتوڻيڪ ويٽ بورڊ جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 25 جهاز پرائيويٽ ڪڻڪ کڻي اچي چڪا آهن ڪڻڪ ملڪ ۾ پهچڻ شروع ٿي وئي آهي. 23 فيبروري 2024 تي اجلاس ۾ ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي تاريخ هڪ مهينو وڌائي 31 مارچ ڪئي وئي ۽ وفاق به وڌيڪ 15 لک ٽن ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني جنهن بعد مارچ ۾ موجوده حڪومت جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ به ڪڻڪ برآمد ٿيڻ وارو سلسلو جاري رهيو. ذريعن موجب مارچ ۾ ڪڻڪ درآمد وقت وزيراعظم فوڊ وزارت جو انچارج وزير هو، هن 3 اپريل تي وفاقي وزير رانا تنوير کي فوڊ وزارت جو اضافي قلمدان ڏنو ان کان اڳ تقريبن هڪ مهينو وزيراعظم شهباز شريف انچارج فوڊ وزير هو. وزيراعظم ڪڻڪ درآمد معاملي تي سيڪريٽري فوڊ محمد آصف کي ايس او ڊي بڻايو هو

سرڪاري انگ اکرن موجب هلندڙ مالي سال فيبروري تائين 225 ارب 78 ڪروڙ 30 لک رپين جي ڪڻڪ درآمد ٿي، مارچ 2024ع ۾ 57 ارب 19 ڪروڙ 20 لک رپين جي ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي، مارچ تائين 282 ارب جي ڪل 34 لک 49هزار 436 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي، پهرين  6 لک 91 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي، موجوده حڪومت اچڻ کان اڳ ڪڻڪ گهرائڻ جي آخري تاريخ 31  مارچ ڪئي وئي هئي. ان حوالي سان اڳوڻي نگران فوڊ وزير ڊاڪٽرڪوثر عبدالله ملڪ چيو آهي ته ياد ناهي ويٽ بورڊ جي گڏجاڻي ٿي هئي، ان ۾ هڪ تاريخ ڏني هئي ته ان بعد ڪوئي جهاز نه اچڻ گهرجي، ڇو ته ان بعد اسان جي پنهنجي ڪڻڪ اچڻ شروع ٿي ويندي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته نگران دور ۾ وزير کي ڏيکارڻ بنا سمري منظور ڪرڻ جو ڪلچر بڻجي چڪو هو،سيڪريٽريز ۽ اسٽبلشميٽ اهو چئي ايئن ڪندا هئا ته هي نگران وزير ته ٻه چار ڏينهن لاءِ آيا آهن، هن چيو ته ڪڻڪ ۾ گهٽتائي جو ڪاٿو اڍائي لک ٽن هو، پر ڪڻڪ 35 لک ٽن گهرائي وئي، هن چيو ته مون ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي مخالفت ڪئي هئي

پرائيويٽ سيڪٽر ذريعي ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري اي سي سي ڏني هئي. هوڏانهن ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ جاري آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف کي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ واري معاملي تي شروعاتي جاچ تي بريفنگ ڏني وئي، رپورٽ موجب آگسٽ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين 330 ارب جي ڪڻڪ گهرائي وئي، 13 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۾ ڪيڙا مليا، پي ڊي ايم حڪومت جولاءِ 2023 ۾ ڪڻڪ درآمد جو فيصلو معلق رکيو، سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن، سيڪريٽري خوراڪ شروعاتي جاچ کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو

Read Previous

سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ٻين جماعتن کي ڏيڻ وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل

Read Next

دانيا شاهه جي وڪيل تي نوٽن جي برسات: ڪيس وڙهڻ لاءِ 2 ڪروڙ في

Most Popular