سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ٻين جماعتن کي ڏيڻ وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل

سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ٻين جماعتن کي ڏيڻ وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي

 جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن لاءِ داخل ڪرايل اپيل تي ٻڌڻي هلائي

جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ۾ چيو ته عوامي مينڊيٽ جي حفاظت ڪنداسين، سني اتحاد ڪائونسل جون درخواستون منظور ڪري رهيا آهيون

وفاقي حڪومت پاران 3 رڪني بينچ تي اعتراض واريندي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اپيلون لارجر بينچ ئي ٻڌي سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ اعتراض رد ڪري ڇڏيو

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ڪنهن به اميدوار سياسي جماعت جوائن نه ڪئي هئي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇا آزاد اميدوارن جون سيٽون ٻين سياسي جماعتن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون؟ ٻين جماعتن کي ڪهڙي قانون تحت سيٽون ڏنيون ويون؟

عدالت سني اتحاد ڪائونسل جون سيٽون ٻين جماعتن ۾ ورهائڻ وارا پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا فيصلا معطل ڪري ڇڏيا

 جسٽس منصور علي شاهه چيو ته فيصلن جي معطلي رڳو اضافي سيٽن جي ٻين جماعتن کي ڏيڻ جي حد تائين هوندي، آئين جي اصولن کي رڳو لسٽ نه ڏيڻ جي بنياد تي ڪيئن رد ڪري سگهجي ٿو؟

عدالت مخصوص سيٽن بابت اپيل تي لارجر بينچ جوڙڻ جو معاملو ججز ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو، ٻڌڻي 3 جون تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

Read Previous

سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کان محروم ٿي وئي

Read Next

وزيراعظم شهباز جي حڪومت ۾ به ڪڻڪ ٻاهران اچڻ جو انڪشاف

Most Popular