رائونتي جي ڪچي ۾ پنجاب پوليس ۽ بگٽي برادري جي هٿياربندن ڪيمپ قائم ڪري ورتي

رائونتي جي ڪچي ۾ پنجاب پوليس ۽ بگٽي برادري جي هٿياربندن ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي

 گذريل ڏينهن پنجاب پوليس ۽ بگٽي هٿياربندن جي گڏيل ڪارروائي دوران بدنام ڌاڙيل ثنو شر جو ڀاءُ عالم شر ۽ نذير شر مارجي ويا هئا ۽ ڌاڙيل مٺو شر سوڌو 7 ڏوهاري زخمي ٿيا هئا

 ذريعن موجب مارجي ويل ڌاڙيلن جا لاش سندن ساٿي کڻي فرار ٿي ويا، رحيم يار خان پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن خلاف پوليس جي ڪارروائي ۾ ڪلپر بگٽي برادري جا رضاڪار به شامل هئا

 آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جو چوڻ آهي ته ماڇڪو جي ڪچي واري علائقي ۾ پنجاب پوليس جا 3 جوان شهيد ڪيا ويا هئا

 سي ايم مريم نواز جي حڪم تي ڪچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، پنجاب پوليس جي اهلڪارن دليراڻي ويڙهه ڪندي ڌاڙيلن جو خاتمو آندو

…..رائونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ پنجاب پوليس سان گڏ بگٽي برادري جا هٿياربند ڇو آيا؟

 ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ سردار جلال خان ڪلپر بگٽي جي پٽ عبدالرحمان کي شر گينگ جي ڌاڙيلن ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو هو

سردار جي پٽ جو پلاند وٺڻ لاءِ بگٽي برادري جا هٿياربند رضاڪارن طور پنجاب پوليس سان گڏ ڪچي ۾ لٿا

 شر برادري جي سردار شهريا يار شر سردار جلال خان بگٽي وٽ پهچي سندس پٽ جي قتل ۾ ملوث نه هئڻ جي ساک ڏني هئي

Read Previous

پي سي بي چيئرمين پاران ٽي_20 ورلڊڪپ کٽڻ تي ٽيم مٿان ڊالرن جي برسات ڪرڻ جو اعلان

Read Next

ڀارت 5 آگسٽ جا غير قانوني قدم ختم ڪري سياسي قيدين کي آزاد ڪري: اسحاق ڊار

Most Popular