پي سي بي چيئرمين پاران ٽي_20 ورلڊڪپ کٽڻ تي ٽيم مٿان ڊالرن جي برسات ڪرڻ جو اعلان

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي پاران ٽي_20 ورلڊڪپ کٽڻ تي ٽيممٿان ڊالرن جي برسات ڪرڻ جو اعلان سامهون آيو آهي

ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پاڪستاني ٽيم جي آئرلينڊ، انگلينڊ جي دوري ۽ ٽي_20 ورلڊڪپ تي وڃڻ کان اڳ رانديگرن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي هن ٽيم جو حوصلو وڌائڻ لاءِ کين شاباشي به ڏني

  محسن نقوي جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي_ٽوئنٽي ورلڊڪپ کٽي آئي ته ان تي ڊالرن جي برسات ڪندس، هن چيو ته اها رقم ڪاميابي جي سامهون ڪجهه ناهي

محسن نقوي وڌيڪ چيو ته اميد آهي اسان جا رانديگر هن ڀيري پاڪستان جو جھنڊو اوچو ڪندا، ٽيم کٽي اچي، قوم جي لاءِ ان کان وڏي ٻي ڪا خوشي ناهي. ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ پهرين جون کان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ ۽ انگليڊ خلاف سيريز کيڏندي

Read Previous

دانيا شاهه جي وڪيل تي نوٽن جي برسات: ڪيس وڙهڻ لاءِ 2 ڪروڙ في

Read Next

رائونتي جي ڪچي ۾ پنجاب پوليس ۽ بگٽي برادري جي هٿياربندن ڪيمپ قائم ڪري ورتي

Most Popular