خيرپور ناٿن شاهه ويجهو مسافر ڪوچ جو ڪار کي ٽڪر، ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

مورو/ ڪي اين شاهه (نمائندن وٽان) خيرپور ناٿن شاهه ويجهو مسافر ڪوچ جو ڪار کي ٽڪر، ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

خيرپور ناٿن شاهه ويجهو انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار مسافر ڪوچ جو ڪار کي ٽڪر، ڪار ۾ سوار 2 عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا

حادثي ۾  ڪار جو ڊرائيور زخمي ٿي پيو، حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ ياسر، غلام اصغر، ارشاد خاتون زال غلام اصغر ۽ دلشاد زال فاروق ميمڻ شامل آهن

 مورو جي پير بخاري محلي سان تعلق رکندڙ ڪٽنب ڪار ۾ سوار ٿي تعزيت لاءِ ڪي اين شاهه وڃي رهيو هو ته ساڻن حادثو پيش آيو

حادثي بعد ڪوچ جو ڊرائيور ۽ ڪلينر فرار، پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

Read Previous

ڪراچي جيڪسن ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي اغوا ڄاڻايل ٻارڙيءَ کي بازياب ڪرائي ورتو

Read Next

دير سان اسڪول اچڻ تي ماسترياڻيءَ کي ٻارن وانگر ڪٽڪو

Most Popular