دير سان اسڪول اچڻ تي ماسترياڻيءَ کي ٻارن وانگر ڪٽڪو

آگره (انٽرسٽنگ نيوز)  ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر آگره ۾ هڪ اسڪول جي پرنسپال دير سان اسڪول اچڻ تي عورت ماستريڻي کي تشدد جو نشانو بڻائي وڌو. ڀارتي ميڊيا موجب پرنسپل ٽيچر گُنجا چوڌري کان دير سان اچڻ جو سبب پڇيو ته ٻنهي ۾ منهن ماري ٿي پئي. منهن ماري کان پوءِ ڳالهه جھيڙي تائين پهتي ۽ ٻئي هٿين پئجي ويون

پرنسپل ٻين استادن جي موجودگي ۾ ماسترياڻي گُنجا چوڌري کي مارڻ شروع ڪيو. جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ماسترياڻي پنهنجي بچاءِ لاءِ پرنسپل تي به هٿ کينو

ماسترياڻي لاڳيتو چوندي ڏسي سگھجي ٿي ته ڪيمره بند نه ٿيندو ۽ وڊيو ٺهندي. آگره جي اسڪول جي اها وڊيو وائرل يڻ تي صارفن اها وڊيو آگره پوليس کي مينشن ڪندي فوري طور تي پرنسپل خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. ٻئي پاسي آگره پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ پرنسپل خلاف جلد ڪارروائي ڪئي ويندي

Read Previous

خيرپور ناٿن شاهه ويجهو مسافر ڪوچ جو ڪار کي ٽڪر، ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

Read Next

متحده پبلڪ اڪائونٽس، تعليم،صحت، بلديات سميت ٻين 13 ڪميٽيز جي چيئرمين شپ گهري ورتي

Most Popular