سنڌ حڪومت جو 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو، نئين قيمت 4 هزار رپيا في مڻ مقرر

سنڌ حڪومت 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ نئين قيمت 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏي آهي

نواب شاهه جي مقامي هال ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي وقت صوبائي بجيٽ تيار ڪرڻ جو آهي، مان چاهيان ٿو ته سمورا ڪارڪن صوبائي اسڪيم تي تجويزون ڏين

هن چيو ته گذريل سال 14 ٽن مان 11 لک ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪئي وئي ۽ 4 لک ٽن ڪڻڪ اسان جي گودامن ۾ پيل آهي. اسان پنهنجي ضرورت موجب  9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ نئين قيمت 4 هزار رپيا مقرر ڪئي آهي

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بدقسمتي سان نگران حڪومت جي دور ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ امپورٽ ڪئي وئي جيڪا نه ٿيڻ گهرجي ها

هن چيو ته سنڌ حڪومت 4 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، 4 ضلعي فوڊ ڪنٽرولرز کي بدانتظامي تي معطل ڪيو ويو آهي

Read Previous

عارف علوي دهشتگردي جي انت واري عدالت پهچي ويو، شاهه محمود قريشي، ياسمين راشد سان ملاقات

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ مسجد جي پيش امام طرفان نينگر سان بدفعلي، جوابدار گرفتار

Most Popular