عارف علوي دهشتگردي جي انت واري عدالت پهچي ويو، شاهه محمود قريشي، ياسمين راشد سان ملاقات

لاهور: (اربع: 08 مئي 2024ع) اڳوڻي صدر عارف علوي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ شاهه محمود قريشي، ياسمين راشد ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي آهي.

رپورٽ موجب اڳوڻو صدر ڊاڪٽر عارف علوي  پوليس جي  سخت سيڪيورٽي ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت پهتو جتي هن پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد، اڳوڻي پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه، اعجاز چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي.

ملاقات جي موقعي تي عارف علوي چيو ته اوهان سڀئي پارٽي سان گڏ آهيون، عمران خان پاڪستان جو مشهور اڳواڻ آهي، اوهان سڀ دهشتگردي جي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهيو، اوهان فڪر نه ڪريو عوام اسان سان گڏ آهي.

ياسمين راشد چيو ته ٻاهر  عوام کي منهنجو پيغام ڏئي ڇڏجو ته مان جيل ۾ خوش آهيان، جيتريون زيادتيون ڪرڻيون آهن ڪري وٺو، مون کي جيل ۾ ٻلين ۽ ڪرڙين سان مقابلو ڪرڻو پوندو آهي، اڌ ڏينهن مقابلي ۾ جڏهن ته اڌ ڏينهن ڪتاب پڙهڻ ۾ گذرندو آهي.

اڳوڻي صدر عارف علوي چيو ته اسان کي پي ٽي آءِ باني عمران خان هر ڀيري جمهوريت تي عمل ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي آهي.

Read Previous

بجلي جي قيمت ۾ 2 روپيه 83 پئسا في يونٽ اضافو، نوٽيفڪيشن جاري

Read Next

سنڌ حڪومت جو 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو، نئين قيمت 4 هزار رپيا في مڻ مقرر

Most Popular