عمران خان شير افضل مروت کي ڪور ڪميٽي ۽ سياسي ڪميٽي مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آهي: عمر ايوب

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان شير افضل مروت کي ڪور ڪميٽي ۽ سياسي ڪميٽي مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آهي.

اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمر ايوب چيو ته عمران خان شير افضل مروت کي شوڪاز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، هن چيو ته شير افضل مروت سعودي حڪومت سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

عمر ايوب چيو ته شير افضل مروت کي پي ٽي آءِ باني تمام گهڻي عزت ڏني، کيس ڪيترائي ڀيرا پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون. پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته سعودي حڪومت سان ذاتي لاڳاپن کي شير افضل مروت نقصان پهچايو. پي ٽي آءِ باني جا سعودي شهزادي محمد بن سلمان سان سٺا لاڳاپا آهن.

هن چيو ته عمران خان حڪم جاري ڪيو آهي ته شير افضل مروت کي ڪور ڪميٽي ۽ پوليٽيڪل ڪميٽي کان ڌار ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته پوليٽيڪل ڪميٽي شير افضل مروت جي خلاف قدم کڻي.

پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب وڌيڪ چيو ته اڄ پي ٽي آءِ باني سان اسان جي تفصيلي ملاقات ٿي آهي، پي ٽي آءِ باني عارف علوي کي اهم ذميواري ڏني آهي. پنجاب حڪومت طرفان پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گرفتارين جي مذمت ڪريون ٿا. ڪالهه وڪيلن سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي به مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته پارٽي جو سيڪريٽري جنرل آهيان پر فيصلن جو اختيار پي ٽي آءِ باني جو آهي.  اڊيالا جيل ۾ ملڻ نه ملڻ منهنجو اختيار نه آهي. پي ٽي  آءِ باني کي سموري انفارميشن ملندي رهندي آهي، اهو اخبار به پڙهندو آهي، مون کي اپوزيشن اڳواڻ بنائڻ جو حڪم پي ٽي آءِ باني ڏنو هو.

Read Previous

ڪنڌڪوٽ: ڌاڙيلن طرفان مغوي معصوم ٻار جي زنجيرن سان ٻڌل وڊيو وائرل

Read Next

9 مئي واقعن تي تحريڪ انصاف جي سموري پارٽي کي دٻايو ويو: عارف علوي

Most Popular