9 مئي واقعن تي تحريڪ انصاف جي سموري پارٽي کي دٻايو ويو: عارف علوي

راولپنڊي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني دنيا جو مشهور اڳواڻ آهي.

اڳوڻي صدر عارف علوي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 9 مئي ۾ فوج جي اندر جيڪي ماڻهو ملوث هئا انهن کي سزا ڏني وئي، اسان به اهوئي چئون ٿا ته فوج جا ڪجهه ماڻهو ملوث آهن، 9 مئي جي واقعن تي تحريڪ جي سموري پارٽي کي دٻايو ويو.

عارف علوي چيو ته قمر باجوه چيو  هو ته فوج آئنده سياست ۾ حصو نه وٺندي. هر ماڻهو کي خبر آهي ته فوج چونڊن ۾ ڪهڙي طرح مداخلت ڪئي، اوهان فوج جي ساک کي نقصان پهچايو. فوج جي ڪجهه ماڻهن جو چونڊن ۾ هٿ ضرور آهي.

اڳوڻي صدر چيو ته اسان کي چيو ويو ته معافي گهري وڃي، ڇا جنهن سان ظلم ٿي رهيو آهي معافي به اهو گهري؟ قوم پي ٽي آءِ باني سان بيٺل آهي، عقلمندي جي گهرج آهي، جنهن قوم کي مينڊيٽ ڏنو ان جو احترام ڪيو وڃي اهو چوڻ ته 7 سيڪڙو ماڻهن ووٽ ڏنو، قوم کي تباهي طرف کڻي ويندو.

Read Previous

عمران خان شير افضل مروت کي ڪور ڪميٽي ۽ سياسي ڪميٽي مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آهي: عمر ايوب

Read Next

سيالڪوٽ: پوليس عثمان ڊار جي والده ريحانه ڊار کي گرفتار ڪري ورتو

Most Popular