حڪومتي معاملن ۾ مداخلت نٿا چاهيون پر اهو ٻڌايو غريب جو ڪهڙو ڏوهه آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: (خميس: 09 مئي 2024ع) چيف جسٽس آف پاڪستان ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته اسان حڪومتي معاملن ۾ مداخلت نٿا چاهيون پر اهو ٻڌايو ته غريب جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟

عوامي ترقياتي منصوبن تي ذاتي مشهوري بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس عرفان سعادت خان ۽ نعيم اختر افغان تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ڪئي. جنهن ۾ وفاق سميت چئني صوبائي حڪومتن عوامي منصوبن تي ذاتي مشهوري نه ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو، وفاق سميت چئني صوبائي حڪومتن جي لا آفيسرن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو. عدالت سڳوري 2023 ۾ پنهنجي هڪ فيصلي ۾ ترقياتي منصوبن تي ذاتي مشهوري نه ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو.

ٻڌڻي دوران عدالت وفاق سميت چئني صوبائي حڪومتن کان حلفي بيان طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس چيو ته هر صوبو ذاتي مشهوري جي معاملي تي متحد آهي، ذاتي مشهوري جي معاملي تي ڪنهن صوبي ۾ ڪابه اپوزيشن نه آهي.

سپريم ڪورٽ ٻڌڻي دوران سنڌ ۾ 80 لا آفيسرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 80 لا آفيسرن جي بٽالين ٺاهي ورتي آهي پر اسلام آباد ۾ ڪوبه مستقل لا آفيسر نه آهي. جنهن تي صوبائي لا آفيسرن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 18، خيبرپختونخواهه  ۾ 40، جڏهن ته پنجاب ۾ 86 لا آفيسر آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آبادي جي حوالي سان سڀني کان وڏي صوبي پنجاب ۾ 86 لا آفيسر آهن پر سنڌ ۾ 80 آهن، پنجاب حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته صوبي ۾ لا آفيسرن جو انگ 86 کان گهٽ ڪري 66 تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.  

چيف جسٽس چيو ته سنڌ جي هر لا آفيسر کي ماهوار 5 لک روپيه پگهار ڏني ويندي آهي، ماهوار 4 ڪروڙ روپيه صرف سنڌ جي عوام جي کيسن مان سنڌ جي لا آفيسرن ڏانهن وڃن  ٿا. اسان کي عدالت ۾ سنڌ جي لا آفيسرن طرفان بهتر ڄاڻ، مدد نٿي ملي، وڊيو لنڪ ذريعي لا آفيسر پيش ٿيندا آهن پر آواز صحيح نه ايندي آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان حڪومتي معاملن ۾ مداخلت نٿا چاهيون پر ٻڌايو ته غريب عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، اسان جمهوريت کي مضبوط ڏسڻ چاهيون  ٿا، عوامي منصوبن تي ذاتي مشهوري ڇو ڪئي ويندي آهي؟ عوامي منصوبن تي ذاتي مشهوري جي معاملي تي سخت ترين سياسي مخالف به هڪ پيج تي آهن، جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

سيالڪوٽ: پوليس عثمان ڊار جي والده ريحانه ڊار کي گرفتار ڪري ورتو

Read Next

چنڊ تي ويندڙ پاڪستاني سيٽلائيٽ آءِ ڪيوب قمر پهرين تصوير جاري ڪري ڇڏي

Most Popular