سيالڪوٽ: پوليس عثمان ڊار جي والده ريحانه ڊار کي گرفتار ڪري ورتو

سيالڪوٽ: (خميس: 09 مئي 2024ع) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ عثمان ڊار جي والده ريحانه ڊار کي پوليس سيالڪوٽ مان گرفتار ڪري ورتو.

ريحانه ڊار جي پٽ عمر ڊار والده ريحانه ڊار جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ريحانه ڊار 9 مئي تي احتجاج جو سڏ ڏنو هو. هن چيو ته صبح کان  پوليس سيالڪوٽ ۾ جناح هائوس  کي گهيرو ڪري رکيو هو گهر مان نڪرندي ئي والده کي گرفتار ڪيو ويو.

هن ٻڌايو ته والده ريحانه ڊار سميت ڪيترين ئي عورتن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.  ياد رهي ته ريحانه ڊار هن سال ٿيندڙ عام چونڊن ۾ سيالڪوٽ مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 71 تان خواجه آصف جي سامهون چونڊ وڙهي هئي کيس سخت مقابلي کان پوءِ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو.

Read Previous

9 مئي واقعن تي تحريڪ انصاف جي سموري پارٽي کي دٻايو ويو: عارف علوي

Read Next

حڪومتي معاملن ۾ مداخلت نٿا چاهيون پر اهو ٻڌايو غريب جو ڪهڙو ڏوهه آهي: چيف جسٽس

Most Popular