مٽياري: (رپورٽر) مٽياري ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس اختيارين موجب افسوسناڪ حادثي مٽياري ڀرسان قومي شاهراهه تي پيش آيو جتي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي حادثي ۾ 5 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
حادثي جي اطلاع ملڻ کان پوءِ ريسڪيو ٽيم موقعي تي پهچي وئي، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي زخمي ٿيندڙن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.
فوت ٿي ويلن ۾ 2 ٻارڙا به شامل آهن، مسافر ڪوچ پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته مٽياري ڀرسان قومي شاهراهه تي حادثو پيش آيو.
پوليس موجب فوت ٿي ويلن ۾ ڪوچ ڊرائيور ملڪ يوسف، مير هادي، ڪاشف علي، ام حسيبه شامل آهن.
ڪوچ ۽ ٽرالر جي حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن ۾ شهزاد، محمود، حسن، اجمل، محمد راشد ۽ ٻيا شامل آهن.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مٽياري قومي شاهراهه تي روڊ حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته ڏکويل خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.