زرتاج گل خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي طارق بشير چيما جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت معطل

لاهور: (جمعو: 17 مئي 2024ع) پي ٽي آءِ ميمبر زرتاج گل خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي وفاقي وزير طارق بشير چيما جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.

اسپيڪر اياز صادق سيشن جي پڄاڻيءَ تائين طارق بشير چيما جي رڪنيت معطل ڪئي، اسپيڪر چيو ته گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي تي ڪيترن ئي ميمبرن جي دل آزاري ٿي، طارق بشير چيما جي رڪنيت معطل ڪرڻ جو متفقه فيصلو آهي.

گذريل ڏينهن طارق بشير چيما ۽ زرتاج گل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي، طارق بشير چيما گٿا لفظ ڳالهائڻ تي زرتاج گل کان معافي ورتي هئي ۽ زرتاج گل کيس معاف به ڪري ڇڏيو هو.

Read Previous

مريم نواز ايليٽ فورس جي وردي پائي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب ۾ شرڪت

Read Next

دوداپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل

Most Popular