مريم نواز ايليٽ فورس جي وردي پائي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب ۾ شرڪت

لاهور: (جمعو: 17 مئي 2024ع) سي ايم پنجاب مريم نواز پاران ايليٽ فورس جي وردي پائي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته پاس آئوٽ ٿيندڙ 680 جوانن ۾ 70 عورتون به شامل آهن، هيءَ وردي نه پر قومي خدمت آهي جيڪا قوم جي پٽن ۽ ڌيئرن کي نصيب ۾ ملي ٿي.

وردي اعزاز سان گڏ وڏو امتحان به آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن اسان ورديءَ تي لڳل داغ ڌوئينداسين، مريم نواز تي ان کان اڳ پوليس جي وردي پائي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي تنقيد ٿيندي رهي آهي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي توهين عدالت جا شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

Read Next

زرتاج گل خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي طارق بشير چيما جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت معطل

Most Popular