هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر جي جنازي نماز ادا، هزارين ماڻهن جي شرڪت

تهران: (اربع: 22 مئي 2024ع) 3 ڏينهن اڳ هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ ٻين جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.

ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي تهران ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير، عبداللهيان ۽ ٻين جي جنازي نماز پڙهائي جنهن ۾ هزارين ماڻهن جي انگ شرڪت ڪئي.

ايراني ميڊيا موجب ابراهيم رئيسي کي مشهد ۾ امام علي رضا جي روضي جي پاسي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايران جي شهر قم ۾ به ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ ان جي ساٿين جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي هئي.

مرحومن جي مڙهن کي جهاز ذريعي تبريز کان تهران پهچايو ويو. مرحوم صدر ابراهمي رئيسي، پرڏيهي وزير حسين عبداللهيان ۽ حادثي ۾ فوت ٿيل جنازي نماز ۾ ڪيترن ئي ملڪن کان ايندڙ شخصيتن، فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي اڳواڻ اسماعيل بنيه سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

ياد رهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي 3 ڏينهن اڳ هيليڪاپٽر حادثي ۾ پرڏيهي وزير ۽ ٻين سميت اجل جو شڪار ٿي ويو هو جنهن کان پوءِ نائب صدر محمد مخبر صدارتي ذميواريون سنڀالي ورتيون هيون. ايران ۾ صدارتي چونڊن جي لاءِ 28 جون جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.

Read Previous

حڪومت جو بجيٽ ۾ سخت معاشي پاليسيون جاري رکڻ جو فيصلو

Read Next

قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل سينيئر صحافي نصرالله گڏاڻي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو

Most Popular